پاڪستانسنڌ

عمران خان سنڌ فتح ڪرڻ جا خواب ڏسندو رهيو پر ناڪام رهيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي صحافين سان ڳالھه ٻولھه تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان پنهنجي 4 سالن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ فتح ڪرڻ جا خواب ڏسندو رهيو پر ناڪامي سندس مقدر بڻي. عمران خان سنڌ ۾ انقلاب آڻڻ جي ڳالھه ڪري رهيو آهي. جنهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي ماڻهن کي مڪمل نظرانداز ڪيو. پنهنجي بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان سنڌ جي ٽن اسپتالن کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي سازش ڪئي. سنڌ کان ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا جا اختيار کسڻ جي وردات ڪئي. عمران خان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري پنهنجي سيڙپڪارن جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جا لکين معصوم ماڻهو مدد لاءِ پڪاري رهيا هئا. عمران خان انهن ڏانهن مڙي نه ڏٺو، مدد ته نه ڪئي پر عمران خان جي پنجاب حڪومت متاثرن جو امدادي سامان پنجاب بارڊر تي ڦر ڪري ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي.

هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو وڏو وزير، پاڪستان پيپلزپارٽي جا ايم پي ايز، ايم اين ايز پهرين ڏينهن کان ٻوڏ متاثرن جي خدمت ۾ موجود رهيا آهن. هن چيو ته ٽن مهينن تائين انقلاب خان کي سنڌ جي معصوم ٻوڏ سٽيل ماڻهن جو درد نه جاڳيو. هي شخص جلسا، جلوس ۽ ڪانسرٽ، ڪانسرٽ کيڏندو رهيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ انقلاب نه پر رتو ڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿو. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي ڪارڪنن کان انقلاب آڻڻ لاءِ حلف وٺي رهيو آهي. کيس پنهنجن ڪارڪنن جي وفاداري تي به اعتبار ناهي رھيو. بزدل چوي ٿو ته هر ضلعي مان 5 هزار ماڻهن جي پڪ تي لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪندو. هن چيو ته هي سياسي مخالفن ۽ ادارن کي بليڪ ميل ڪندو رھيو آهي. هاڻي هو پنهنجي ايم پي ايز ۽ ڪارڪنن کي بليڪ ميل ۽ ماڻهن کي آڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هڪ طرف چوي ٿو ته پي ٽي آءِ ڪنهن به صورت ۾ اسيمبلين ۾ واپس نه ويندي. ٻئي طرف گذريل ڏينهن سندس ئي استعيفيٰ ڏيندڙ ايم اين ايز سپريم ڪورٽ ۾ چيو آهي ته سندن قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ سياسي چال هئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جڏهن هو وزيراعظم هو ته بشرا بي بي کيس يقين ڏياريندي هئي ته هو وزيراعظم آهي. کيس ڪا به خبر نه هوندي هئي. اڄ به سندس چوڻ آهي ته بشرا بي بي کيس موبائيل تي ڏيکاريو آهي ته عمران خان لاءِ ڪيترا ماڻهو روڊن تي آهن. جنهن شخص کي پنهنجي خبر ناهي هو انقلاب جي ڳالھه ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button