پاڪستان

بختاور ڀٽو ٻئي پٽ کي جنم ڏنو، گهر ۾ خوشين جي بهار

اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو کي ٻئي پٽ جي پيدائش جي خوشي نصيب ٿي آهي. بختاور ڀٽو سوشل ميڊيا تي ٻئي پٽ جي ڄمڻ جي ڄاڻ ڏيندي الله جو شڪر ادا ڪيو. ٽوئيٽ ۾ بختاور پٽ جي پيدائش جي تاريخ 5 آڪٽوبر 2022ع لکي آهي. بختاور ڀٽو پنهنجي ٽوئيٽ ۾لکيو ته مان ۽ محمود چوڌري پنهنجي ٻئي پٽ جي جنم بابت اطلاع ڏيندي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. ياد رهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري گذريل سال 11 آڪٽوبر تي پهرئين پٽ کي جنم ڏنو هو جنهن جو نالو مير حاڪم محمود چوڌري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button