پاڪستانسنڌ

25 لک ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ 63 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي آهي: شازيه مري

ڪراچي: غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيه عطا مري چيو آهي ته تازي ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر 25 لک کان وڌيڪ خاندانن ۾ 63 ارب روپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي ۽ اھو سلسلو اڃا تائين جاري آهي اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن ڪالهه عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينحسين سان سندس اسلام آباد جي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير شازيه عطا مري عالمي بينڪ جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي سهڪار سان بينظير نشونما جي تحت 9 لک عورتن لاءِ معياري خوراڪ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي ۽ بينظير نشونما پروگرام تحت هن وقت تائين 25 هزار ڳورھاريون ۽ کير پياريندڙ مائرون فائدو حاصل ڪري چڪيون آهن. شازيا مري وڌيڪ چيو ته بينظير ڪفالت پروگرام تحت شفافيت کي نظر ۾ رکندي رقم مستحق خاندانن ۾ ورهائي پئي وڃي، جڏهن ته مستحق خاندانن جي معلومات بابت ڊيٽا جي رازداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اولين ترجيح آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button