اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سياست ۽ اليڪشن ٿيندي رهندي، ترجيح ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي باوجود لانگ مارچ جي تياري ڪرڻ تي عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته سياست ۽ اليڪشن ٿيندي رهندي، سياسي مقابلو به هلندو رهندو پر هن وقت پهرين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ آهي. ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ نثار کهڙو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ جي تباهي اڃا ختم ناهي ٿي، بلوچستان جي جبلن مان پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، پاڻي هيٺ آيل 50 سيڪڙو علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا تائين 50 سيڪڙو علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ روڊن جي ٻنهي پاسن تي سمنڊ ئي سمنڊ آهي، اها هڪ تاريخي قدرتي آفت آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو مثال قيامت کان اڳ قيامت جهڙو آهي، ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڪل آبادي کان وڌيڪ تعداد آهي. هن چيو ته اسان کي عالمي برادريءَ کان مدد ملي رهي آهي پر متاثرن جو تعداد ۽ مسئلا ايترا ته وڏا آهن جو جيتري به محنت ڪجي اها گهٽ آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته ٻوڏ سبب ڪرونا کان وڌيڪ معيشت تي اثر پيو آهي پر سنڌ سرڪار ڏينهن رات ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي معيشت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. ملڪ جون 4 لک ايڪڙ زمينون ۽ انهن ۾ بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ طرف پاڪستان ٻوڏ جو شڪار هجي ته ٻئي طرف ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياست چمڪائڻ ۾ مصروف هجن، هڪ ملڪ ۾ رهي ڪري ڏکيائن کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته وزيراعظم ٻوڏ واري صورتحال دوران سمورن صوبن جو دورو ڪيو، هن کي عوام جي ڏکن، سورن ۽ تڪليفن جو اندازو آهي، شهباز شريف سڀ کان وڌيڪ سنڌ جو دورو ڪيو. هن چيو ته ماڻهو ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي عوام جو ڌيان ٻوڏ تان هٽائي پنهنجي سياست ڏانهن ڪرڻ چاهين ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته اسان کي ووٽ ڪير ڏيندو ۽ ڪير نه ڏيندو، اسان کي سياست ڇڏي انساني همدردي جي بنياد تي عوام جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه قدرتي آفتن ۾ هڪ ٿي ڪم ڪيو آهي، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ جڏهن زلزلو آيو ته اسان لانگ مارچ نه ڪيو هو. 2010ع ۽ 2011ع جي تاريخي ٻوڏ ۾ پيپلزپارٽي هڪ ٿي وڙهي پر 2022ع جي ٻوڏ گذريل سمورين ٻوڏن کان 10 ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ آهي. بلاول ڀٽو چيو ته سياسي مقابلو ٿيندو پر هاڻي ترجيح ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ آهي، سياست ۽ اليڪشن ٿيندي رهندي، ماڻهو زندهه رهندا ته پوءِ ئي سياست ڪنداسين، پاڪستان جي تاريخ ۾ عوام وڏا مسئلا ڏٺا آهن ۽ هنن مسئلن جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته هن وقت سمورا مقامي ۽ عالمي ادارا ان نقصان جي ازالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، امير ملڪن پنهنجي ملڪ کي امير بڻائي سڄي دنيا کي نقصان پهچايو آهي ۽ پاڪستان جي عوام انهن نقصانن جو بار برداشت ڪيو آهي. اسان دنيا کان خيرات نه پر انصاف گهرون ٿا. هن چيو ته هو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا شڪر گذار آهيون ته هن پنهنجي مصروفيتن باوجود پاڪستان جو دورو ڪيو، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي سربراهن کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي بابت آگاهه ڪيو، اسان گڏيل قومن ۾ مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي هر سطح تي مدد ڪئي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کان بچڻ لاءِ پلان جوڙيو ويندو، بلوچستان، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا ۾ انفرااسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ڪم ڪنداسين، نومبر جي آخر ۾ نوان فصل پوکينداسين. اهو ڪم شايد ممڪن نه ٿئي پر اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين، نوان فصل ننڍن آبادگارن لاءِ تمام ضروري آهن. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ڏانهن وڌون ٿا ته لڳي ٿو ته الڳ ملڪ آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته 2 پاڪستان هجن، هن وقت اسان کي سياست جو ناهي سوچڻو، ڪجهه ماڻهو سازشون ڪري رهيا آهن، عمران خان ۽ قوم پرست ڌريون ٻوڏ جهڙي سنگين صورتحال تي سياست ڪري رهيون آهن، منهنجي سمورين سياسي ڌرين کي اپيل آهي ته هن وقت صبر ڪن، سياسي مقابلو ٿيندو پر هن وقت اسان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻي آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان کي الزام هڻڻ جي عادت آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ عمران خان کانسواءِ ڪنهن تي به ٻوڏ متاثرن جي امداد چوري ڪرڻ جو الزام ناهي لڳايو ويو. آمريڪي اخبار فنانشل ٽائمز جي صحافي عمران خان تي لڳايل الزامن کي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو “چندي چور” آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو ماڻهو چندو چور آهي اهو پاڻ هر هنڌ عوامي جلوسن ۾ حڪومت تي چندي چوري جا الزام لڳائي رهيا آهن،هنن پنهنجي دور حڪومت ۾ پنهنجا گهر ريگيولر ڪيا ۽ ٻين ماڻهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا، ماڻهن جي يادگيري ڪمزور ناهي ته اهي وساري ڇڏيندا، جيڪي گذريل 4 سالن ۽ 4 مهينن ۾ ٿيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جو طريقو اهو آهي ته ايترو ڪوڙ ڳالهايو، ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه ته مڃيندا. هن تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان جي انا جي ڪري 4 سالن ۾ پاڪستان نه رڳو يورپ ۽ مغربي ملڪن سان پر عرب ملڪن ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپن ۾ نقصان برداشت ڪيو، اسان کي حڪومت ۾ اچي سمورن ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۽ ايف اي ٽي ايف سان مقابلو ڪرڻو هو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڻ کي قومپرست سڏين ٿا اهي هر قدرتي آفت ۾ سياست کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته ٻڏا نه ٻوڙايو ويو آهي، اهي حقيقت نه پر ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button