سنڌ

جهڏي ۾ ٻوڏ متاثر روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل، واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

جهڏي ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن حڪومت طرفان واهر نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي جهڏو نبي سر روڊ تي کليل آسمان هيٺان سرڪاري سهائتا جي منتظر متاثرن نانگجي ڪولهي، ڌني، راڌان ۽ ٻين چيو ته برساتن ۽ گهارن سبب اسان جي ڳوٺن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، ڳوٺ ٻڏڻ بعد اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ گهريلو سامان ٻوڏ ۾ لڙهي ويو آهي، اسان جو چوپايو مال مري ويو ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، جنهن بعد بي گهر ٿي روڊ رستن تي جھوپڙا اڏي ٻن مهينن کان کليل آسمان هيٺان ويٺل آهيون پر سرڪاري طور تي ڪا به واهر نه ٿي آهي جنھن سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. هنن چيو ته حقيقي متاثرن کي نظرانداز ڪري سرڪاري امداد فقط من پسند ۽ سفارشي ماڻهن کي ڏني پئي وڃي، جيڪو حقدارن سان ظلم آهي، اسان کي تنبو، راشن جو سامان، دوائن ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سخت ضرورت آهي. سنڌ سرڪار کان مطالبو آهي ته دانهن جو نوٽيس وٺي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button