اسلام آبادپاڪستان

قسم ٿو کڻان ته عمران فراڊي آهي،فوج کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان پاڪستان رياست خلاف غداري جي سازش ڪئي. سائفر جي معاملي ۾ قوم ۽ ملڪ سان بدترين بدديانتي ڪئي وئي. ڪڏهن ڪنهن وطن جو وقار ائين مجروح نه ڪيو ويو، آڊيو ليڪ ڪرڻ ۾ حڪومت جو ڪو ڪردار ناهي. وزيراعظم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان رات ڏينهن ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، قوم سان فراڊ ڪندو آهي. مان قسم کڻي چوان ٿو ته اهو فراڊي آهي، آڊيو هر شئي ٻڌائي رهي آهي، ان فوج کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي. عمران خان پاڪستان رياست خلاف غداري جي سازش ڪئي، ان تي ڪابينا انڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪي آهي. آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، جيڪڏهن اهو شخص پاڪستان تي ٻيهر مڙهيو ويو ته ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ قوم کي بدترين بحران مان گذاريو آهي، انهن آءِ ايم ايف سان پاڻ معاهدو ڪري ان جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا. اسان ڪوشش ڪئي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي وڃي، عمران خان پاڻ پنهنجي ذات کي اين آر او ڏنو ۽ چئي ٿو ته نيب قانونن ۾ تبديلي اين آر او لاءِ ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪيترن ئي ملڪن دل کولي مدد ڪئي، اهي چاهين ٿا ته دنيا مدد نه ڪري ۽ پاڪستان تباهه ٿي وڃي. ٻوڏ متاثرن لاءِ وفاقي حڪومت 100 ارب رپيا خرچ ڪري رهي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 70 ارب رپيا متاثرن کي ڏنا ويا آهن، ٻوڏ متاثرن لاءِ هاڻ به خيمن ۽ خوراڪ جي ضرورت آهي. آرمي چيف جي مقرري جي سوال تي وزيراعظم چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو طريقيڪار آئين ۽ قانون ۾ موجود آهي، اهو فيصلو آئين ۽ قانون موجب ٿيندو، توهان پريشان نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button