پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف عورت جو احتجاج

ميرپورخاص: ڊگھڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ديهه 170 اي جي رھواسڻ سھيجو ميگهواڙ، مائٽن نارائڻ ۽ چترو ميگھواڙ سان گڏ ميرپورخاص جي عدالت ٻاهران صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. سھيجو ميگهواڙ چيو ته سندس نياڻي انتري ميگھواڙ جو رشتو رائمل ميگھواڙ پنھنجي پٽ ڪيول ميگھواڙ لاءِ گھريو، اسان انڪار ڪيو ته بااثر رائمل، ڪيول، ڏنو ۽ پٿو ميگھواڙ مڇرجي پيا، جن نياڻي کي زوري اغوا ڪرڻ، گھرن کي باھيون ڏيڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ڄاڻايل ماڻھن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، مختلف طريقن سان حراسان ڪري ڌمڪائي رھيا آھن. اسان اھڙي شڪايت حد جي ٿاڻي تي ڏني آھي، پر پوليس بااثرن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري. عورت ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص مطالبو ڪيو ته بااثرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button