ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خالد احمد مرزا چيو آهي ته 2023ع جي عام اليڪشن جون تياريون ڪرڻ ۽ اليڪشن ۾ حتمي انتخابي فهرست شايع ڪرڻ لا ضلعي ۾ 8 سيمبس سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ۽ هڪ ون ونڊو سينٽر ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي آفيس ۾ قائم ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪمشنر خالد احمد مرزا پريس بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ته ماڻهو پنهنجي خاندانن جي نالن جو اندراج، تصحيح ۽ اعتراض لا فارم داخل ڪن، جنهن لا تمام انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اليڪشن جي فهرست ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جي نالن جو اندراج ۽ درستگي يا صحيح نالن جي اندراج جي درستگي يا صحيح چونڊ علائقي ۾ درج ڪرڻ لا سينٽرن تي چونڊ فهرستن جو معائنو ڪيو ۽ ڪنهن به غير متعلقه ووٽ يا فوت شده شخص جي نالي لا فارم 22 جمع ڪرائين. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو جو نالو انتخابي فهرست ۾ موجود نه آهي ته ان وٽ نادرا جو ڪمپيوٽرائزد ڪارڊ موجود آهي ته هو فارم 21 لا انچارج سينٽر اسسٽنٽ رجسٽريشن آفيسر مقرر ڪيو آهي. ان کي ڏي جيڪڏهن درج ٿيل نالي تي ڪنهن کي به اعتراض ڪرڻ آهي ته فارم 22 استعمال ڪري، نالي جي غلطي جي صورت ۾ فارم 23 استعمال ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close