پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ سنڌ شهري اتحاد کي فعال بڻائڻ جو فيصلو

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ 20 سالن کان غير فعال سنڌ شهري اتحاد کي فعال ڪرڻ لاءِ شهرين، واپارين ۽ دڪاندارن جي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ وڏي انگ ۾ شهرين ۽ دڪاندارن شرڪت ڪئي. ان موقعي نظام الدين ناريجو، عبدالفتاح، نثار ناريجو، عبدالرسول ڪلهوڙو، غلام عباس ناريجو، رباني منگي، نظاڪت ناريجو، حبيب بلوچي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ٻين شهرن وانگي ٿرڙي محبت شهر به ماضي ۾ هڪ مزاحمتي شهر سڏيو ويندو هو، 20 سالن کان سنڌ شهري اتحاد غير فعال رهيو، جنهن ڪري شهري بنيادي مسئلن کان واجهيل آهن، جلد حڪمت عملي جوڙي ميمبر سازي ڪرڻ بعد نئين باڊي جوڙي مسئلن جي حل لاءِ نئين سر تنظيم سازي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button