اسلام آبادپاڪستان

ايف آئي اي جو ڪريڪ ڊائون،سيف الله نيازي ۽ حامد زمان گرفتار

اسلام آباد :پي ٽي آءِ اڳواڻ سيف الله نيازي کي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سائبر ڪرائم ونگ گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ايف آءِ اي اسلام آباد مان پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله نيازي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ لاهور مان پي ٽي آءِ جو باني ميمبر حامد زمان کي وارث روڊ تي قائم سندس آفيس مان گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايف آءِ اي پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڪياني جي راولپنڊي واري رهائشگاهه ته پڻ ڇاپو هنيو آهي. ايف آءِ اي جي بينڪنگ ٽيم ڪراچي جي ڪي ڊي اي اسڪيم ون ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ طارق شفيع جي گهر تي به ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران ليڊي ٽيم به موجود رهي. ذريعن موجب ايف آءِ اي ٽيم 2 ڏينهن اڳ طارق شفيع ۽ ٻين خلاف داخل ڪيس جي سلسلي ۾ سندس گهر تي ڇاپو هنيو. طارق شفيع جي موجود نه هئڻ سبب ايف آءِ اي ٽيم واپس رواني ٿي وئي. پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي جاچ هلندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button