صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي نئين آڊيو ليڪ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان مسيحا نه پر فراڊي آهي. ليڪس مان ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان ڪرسي جي لالچ ۾ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان هارس ٽريڊنگ جي ڪاروبار جو سربراهه آهي. تازي آڊيو ۾ عمران خان 5 ايم اين ايز کي پاڻ خريد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. عمران خان عوام سان ڪوڙ ڳالهائي گمراهه ڪندو رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 2018ع ۾ پڻ عمران خان کي حڪومت ٺاھڻ لاءِ اسيمبلي ۾ اڪثريت حاصل نه هئي. پوري پاڪستان ۾ جهاز کي ڊوڙائي ڊوڙائي ايم اين ايز کي خريد ڪيو ويو. جنهن ايم اين اي کي هي ماڻهو خريد نه ڪري سگهيا، انھن کي ڌمڪائي پاڻ سان ملايو. عوام خاص ڪري نوجوانن کي ھاڻ اکيون کولڻ کپن، هي شخص اسان جي ملڪ ۽ معاشري لاءِ خطرو آهي. صوبائي وزير چيو ته ليڪس مان ظاهر ٿي ويو آهي ته عمران خان پاڪستان جو ڪرپٽ ترين شخص، مني لانڊرنگ ۽ هارس ٽريڊنگ جو بي تاج بادشاهه آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close