اسلام آبادپاڪستان

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ رد

اسلام آباد :اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا آھن. احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جي شنوائي ڪئي، ان سلسلي ۾ ناڻي وارو وزير پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. شنوائي دوران اسحاق ڊار جي وڪيل طرفان مستقل طور تي گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. ڊار جي وڪيل جي موقف تي جج کانئس پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب پاڻ اسحاق ڊار جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا؟ ان تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته نيب وارنٽ جاري ڪيا هئا پر اهي معطل ٿي ويا هئا. بعد ۾ احتساب عدالت اسحاق ڊار جي گرفتاري وارنٽ رد ڪندي کيس 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button