اسلام آبادپاڪستان

ماڻهن جي دماغن ۾ مير جعفر ۽ مير صادق جو بيانيو ويهارڻو آهي/عمران جي آڊيو ليڪ

اسلام آباد:پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان جي هارس ٽريڊنگ ۽ سائفر بابت مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي. نئين آيل آڊيو ۾ مبينا طور تي اڳوڻي وزيراعظم کي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته اوهان جي وڏي غلط فهمي آهي، نمبر گيم پوري ٿي وئي آهي. ڊونٽ ٿنڪ اٽ از اوور، هاڻي کان وٺي 48 ڪلاڪ از اي لانگ ٽائيم، ان ۾ وڏيون شيون ٿي رهيون آهن. آڊيو ۾ مبينا طور تي عمران خان چوي ٿو ته نمبر اهڙو آهي نه ايئن نه سوچيو ته سڀ ختم ٿي ويو آهي. مون کي ميسيج ڏيڻو آهي ته اهي جيڪي پنج آهن نه پنج وڏا اهم آهن. پنج قومي اسيمبلي ميمبر ته آئون خريد ڪري رهيو آهيان، مون وٽ آهن پنج، پنهنجي طرفان ڪيتريون ئي چالون هلي رهيو آهيان جيڪي اسان پبلڪ نٿا ڪري سگهون. آڊيو ۾ عمران خان چوي ٿو ته ان کي چئو ته جيڪڏهن هو اسان کي ان وارو پنج سڪور ڪري ڇڏي نه، 10 اچن نه ته گيم اسان جي هٿ ۾ آهي. هن وقت قوم الارم ٿي وئي آهي ماڻهو چاهين ٿا ته ڪيئن اسان کٽون، ان لاءِ ڪوئي فڪر نه ڪري ته هي ٺيڪ آهي يا غلط. اهو ڀلي ڇا به ٿئي، هڪ هڪ به جيڪڏهن ڪوئي ٽوڙي ڏي ٿو ته ان سان به وڏو فرق پوي ٿو. ٻئي پاسي اڻڄاتل هيڪرز طرفان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سائفر بابت ڳالهه جي هڪ ٻي مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي. عمران خان چئي ٿو ته ماڻهن جي دماغن ۾مير جعفر ۽ مير صادق جو ڪردار ويهارڻو آهي. مبينا آڊيو ۾ اسد عمر چوي ٿو ته هڪ ٻي شئي آهي، مائنڊ سائيٽ ۾ هي جيڪا اسان هاڻي ڪري رهيا آهيون نه ليٽر وارو، اهو ٿورو هفتو ڏهه ڏينهن اڳ شروع ڪرڻ گهرجي ها. ان تي عمران خان چيو ته هن ليٽر جو ڏاڍو وڏو يعنيٰ جيڪو اسان سوچي رهيا آهيون نه، ان جو سڄي دنيا ۾ هڪ اثر ويندو آهي. ان دوران شيرين مزاري چوي ٿي ته چائنيز آفيشل اسٽيٽمينٽ ايشو ڪئي آهي ته آمريڪا جي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي مذمت ڪريون ٿا. ان تي عمران خان چوي ٿو ته حڪمت عملي اها آهي ته پبلڪ اسان سان بيٺي آهي، هاڻي پبلڪ جي پريشر سان اسان چاهيون ٿا ته آچر تي اهڙي هائيٽ تي پريشر هجي جو جيڪو به وڃي اسيمبلي ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ ان جي يعنيٰ اهو برانڊڊ هجي پر جيڪو اوهان کي برينڊ ڪرڻو آهي نه، مير جعفر ۽ مير صادق، اوهان کي ماڻهن کي اسپون فيڊ ڪرڻو آهي، مائينڊز آل ريڊي فرنٽائل گرائونڊ بڻيل آهن، هن وقت انهن کي اوهان فيڊ ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button