پاڪستان

پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ صحافين سان غير مناسب ورتاءُ ۾ ملوث ناهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملڪ ۾ صحافت تي پابندي يا ان کي محدود ڪرڻ ۾ اسٽبلشمينٽ ملوث هجڻ جو تاثر رد ڪري ڇڏيو آهي. آرمي چيف جنرل باجوا آمريڪا جي دوري دوران پاڪستاني سفير جي رهائشگاهه تي تقريب کي خطاب دوران سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ صحافت تي ڪا پابندي ناهي ۽ نه ئي اهڙن واقعن ۾ اسٽبلشمينٽ ملوث آهي. هن چيو ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ صحافين سان غير مناسب ورتاءُ يا صحافت کي محدود ڪرڻ ۾ ملوث ناهي، صحافت جي آزادي تي ڪا به پابندي نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو ڪردار آهي. فوجي سربراهه وڌيڪ چيو ته اسان آمريڪا ۽ چين سميت هر ملڪ سان سٺا ۽ آزاداڻا لاڳاپا قائم رکڻ جا خواهشمند آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button