پاڪستان

جرمني ٻوڏ متاثرن کي وڌيڪ هڪ ڪروڙ يوروز امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

جرمني ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان اندر اندازي کان به وڌيڪ تباهي اچڻ جي تصديق ڪندي متاثرن کي وڌيڪ هڪ ڪروڙ يوروز امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ برلن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جرمن جي پرڏيهي وزير انالينا بيئر بورڪ چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي، جنهن جو اندازو لڳائڻ به ڏکيو آهي، ٻوڏ جا متاثر کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته گدلي پاڻي مان پيدا ٿيندڙ مڇر مليريا جو سبب بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، جرمني پاڪستان جو اهم واپاري ڀائيوار آهي ۽ جرمن ڪمپنيون پاڪستان ۾ انفرا اسٽرڪچر جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. جرمن وزير وڌيڪ چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان جو ڪردار سدائين اهم رهيو آهي، پاڪستان جي سهڪار سان افغانستان مان وڏي انگ ۾ نڪرڻ ممڪن ٿيو آهي، گهڻن افغانين کي جرمني ۾ به پناهه ڏئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ بهترين سفارتي لاڳاپا آهن، جيڪي اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ چوماسي جون تمام گهڻيون برساتون پيون ۽ آگسٽ جي پڄاڻي تائين جاري رهيون، جنهن سبب ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي، اسان جو ملڪ هينئر ڏکياين مان گذري رهيو آهي، ٻوڏ تاريخي تباهي پکيڙي ۽ ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيل 10 ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. ٻئي طرف بلاول ڀٽو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ ڊونلڊ لو به موجود هو پر هن سان سائفر يا مبينا ڌمڪي بابت ڳالهه ناهي ٿي، بلنڪن سان ڳالهه ٻولهه جو محور ٻوڏ جي تباهي جو معاملو هو، خانصاحب جي ڪوشش آهي ته زبردستي ڪيئن به ڪري ڪنهن امپائر جي آڱر کڄي وڃي پر سندس اها ڪوشش ناڪام ٿي ويندي، تحريڪ انصاف جو يوٽرن مٿان يوٽرن هوندو آهي، جڏهن استعيفائون منظور ٿيڻ شروع ٿيون ته عمران خان عدالت وڃي پهتو، عدالت کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪيستائين عمران کي لاڏلي وانگر هلايو ويندو، عمران خان جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن هو وزيراعظم ناهي ته ڀلي جمهوريت ئي هلي وڃي، مون کي پنهنجن ادارن مان اميد آهي ته ڪوبه عمران جي ڳالهين ۾ نه ايندو. هن وڌيڪ چيو ته نومبر ۾ ڪو وڏو طوفان نه ايندو، نومبر نارمل مهينو بڻجي اسان جي ڪئلينڊر مان گذري ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button