ٻارن جي فلاح بهبود ۽ حقن لا ڪم ڪندڙ برطانوي فلاحي اداري سيو دي چلڊرين پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ 34 لک 40 هزار کان وڌيڪ ٻار شديد بک جو شڪار آهن، جن مان 76 هزار ٻارڙا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي اڪثر حصن ۾ ٻوڏ جي تباهين بعد بک جو شڪار ماڻهن جو انگ 45 سيڪڙو تائين وڌي ويو آهي، جتي پهرين 59 لک 60 هزار ماڻهو خوراڪ جي هنگامي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا هئا، اتي هاڻي سندن تعداد وڌي 86 لک 20 هزار ٿي ويو آهي، جن مان اڪثريت جو تعلق ٻوڏ متاثر علائقن سان آهي. فلاحي تنظيم خبردار ڪيو آهي ته سياري جي موسم اچڻ تي خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جو انگ وڌي به سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته لکين زندگيون خطري ۾ پئجي وينديون. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب چوپايو مال ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ عام واهپي جون شيون دستياب نه هجڻ ڪري انهن جا اگهه وڌي ويا آهن. ٻوڏ جي تباهي بعد بنيادي ضرورت واريون شيون مهانگيون ٿيڻ سبب اهي شيون ٻوڏ ۾ پنهنجا گهر ۽ الهه تلهه وڃائيندڙ خاندانن جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن. فلاحي تنظيم پنهنجي تحقيق ۾ ٻڌايو ته 86 سيڪڙو ڪٽنب ٻوڏ بعد پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا آهن ۽ کين کاڌي لا به ڪجهه ميسر ناهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٻوڏ متاثر خاندان جياپي لاءِ مايوس ڪندڙ قدم کڻڻ تي مجبور آهن، ڪي ماڻهو قرض کڻي رهيا آهن، ڪي کائڻ پيئڻ جون شيون خريد ڪرڻ لا بچيل سامان وڪرو ڪري رهيا آهن، ڪجهه ماڻهو خيرات وٺڻ تي مجبور آهن ۽ ڪي وري پنهنجي ٻارن کي پئسا ڪمائڻ لاءِ مختلف شهرن ۽ پرڏيهه به ڪم تي موڪلي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ننڍي ڄمار وارن ٻارن جي شادي پڻ ڪرائي پئي وڃي. ان حوالي سان مايوسي ۾ ورتل 55 سيڪڙو والدين جو چوڻ آهي ته هنن ٻوڏ اچڻ بعد پنهنجي ڪنهن هڪ ٻار جي شادي ڪرائي ڇڏي آهي، انهن وٽ ٻارن کي خيرات وٺڻ لا ٻاهر موڪلڻ کانسوا ٻيو ڪو رستو ناهي ته جيئن پيٽ گذر ڪري سگهجي. پاڪستان ۾ سيو دي چلڊرين اداري جي ڊائريڪٽر خرم گوندل پنهنجي بيان ۾ چيو ته خوراڪ جي کوٽ سبب ٿيندڙ تباهي ڏينهون ڏينهن واضح ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ هن ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ بک ۽ بدحالي جي سخت بحران جي پڻ ور چڙهيل آهي، اسان تڪڙا قدم نه کنيا جنهن ڪري معصوم ٻار بک وگهي مري رهيا آهن.
پڻ چيڪ ڪريو
Close