اسلام آباد:سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج قاضي فائز عيسيٰ کانپوءِ جڊيشل ڪميشن جي ٻن ميمبرن به چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو. جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکيو ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ گذريل 9 مهينن کان ججن جون جايون خالي آهن. الجهاد ڪيس موجب سپريم ڪورٽ جي خالي جاين تي فوري طور مقرري ضروري آهي. خط جي متن موجب آئيني عهدي کي وڌيڪ عرصي تائين خالي نٿو رکي سگهجي، تنهن ڪري جڊيشل ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائي ججن جي مقرري ڪئي وڃي. ججن خط ۾ چيو آهي ته پنجن ئي هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽس صاحبن جي سپريم ڪورٽ مقرري تي غور ڪيو وڃي يا وري هر هاءِ ڪورٽ جي پهرين ٻن سينيئر ججن جي سپريم ڪورٽ مقرري لاءِ غور ڪيو وڃي. خط جي متن موجب ڪيترائي ڀيرا ملاقاتن ۾ جڊيشل ڪميشن اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو پر ڪجهه ناهي ٿيو. جسٽس فائز عيسيٰ به جڊيشل ڪميشن اجلاس گهرائڻ لاءِ 28 سيپٽمبر تي خط لکيو. ججن جي مقرري ۾ دير سان عدليا ۾ سياست ۽ من پسند مقررين جو تاثر پکڙجي رهيو آهي. غير ضروري دير سان مقررين جي عمل جي شفافيت تي سوال ٿا اٿن، ججن جي مقرري جڊيشل ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي. ججن جي خط جي متن موجب جڊيشل ڪميشن آئيني ادارو آهي، جنهن جو سيڪريٽري ڪنهن پروفيشنل کي هجڻ گهرجي، ملاقاتن ۾ ججن جي مقرري جي حوالي سان ڪيتريون ئي تجويزون به پيش ڪيون هيون، تنهن ڪري اميد آهي ته چيف جسٽس جلد جڊيشل ڪميشن جو اجلاس گهرائيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close