پاڪستانسنڌ

عادلپور ۾ ٿيل حملي خلاف آل سوڍا اتحاد جو ميرپورخاص ۾ مظاهرو

ميرپورخاص: گھوٽڪي جي علائقي عادلپور ۾ گڏاڻي ڌر جي ماڻهن پاران ڳوٺ شاهه محمد سوڍو تي مبينا چڙھائي ڪري ماڻهن کي زخمي ڪرڻ ۽ الٽو انھن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ واري واقعي خلاف آل سوڍا اتحاد ميرپورخاص جي اڳواڻن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي محمد سليمان سوڍو، شاھد علي سوڍو ۽ معشوق علي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ شاهه محمد سوڍو تي گڏاڻي ڌر جي ھٿياربندن چڙهائي ڪري سوڍا ڌر جي ماڻهن مٿان حملو ڪيو، جنھن ۾ غلام سرور سميت 7 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا، پوليس جوابدار ڌر جي ونگار وهندي متاثر ڌر مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا، جيڪو ظلم آهي. واقعي خلاف سوين ماڻهو 20 آڪٽوبر تي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻندا. ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button