ميرواہه گورچاڻي: ميرواهھ گورچاڻي لڳ ڳوٺ ڪامريڊ شگن لال ڪولھي ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جي 48 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. پروگرام ۾ سنڌي ھاري تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي اڳواڻن سان گڏ مقامي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻن محبوب علي نونداڻي، مير خان گورچاڻي، ڀڳوانداس ڪولھي، شگن لال ڪولھي، سونهارو نوحاڻي، خير محمد چانڊيو ۽ تارا چند ميگھواڙ خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ھاري تحريڪ هميشه سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي هر جدوجهد ۾ اڳين صفن ۾ شامل هوندي آهي، پو سنڌ جي زمينن جون نيلام بند ڪريو تحريڪ هجي، سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇپائڻ جي تحريڪ هجي يا ايم آر ڊي تحريڪ کان ويندي ڊڪٽيٽر مشرف جي دور ۾ عدليه جي بحالي واري تحريڪ هجي، سنڌي ھاري تحريڪ هميشه ميدان عمل تي بيٺل رهي آهي. پروگرام ۾ ڪامريڊ شگن لال ڪولھي ۽ چندر ڪولھي انقلابي شاعر ۽ گيت ٻڌائي ويٺل کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close