اسلام آباد/راولپنڊي : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿي ويا. ڪالهه اسپيشل جڊيشل مئجسٽريٽ اينٽي ڪرپشن طرفان راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. سينيئر سول جج غلام اڪبر پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته راڻا ثناءُ الله جو نالو فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) ۾ شامل آهي ۽ ڪيس ۾ سندس گرفتاري ضروري آهي، تنهن ڪري جوابدار جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سگهجن ٿا. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته بيورو آف انويسٽيگيشن جي دعويٰ درست آهي، ان ڪري ان کي قبول ڪيو وڃي ۽ ان جي مطابق راڻا ثناءُ الله جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. ان اڳڀرائي جي تصديق اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پنجاب به ڪئي آهي. اينٽي ڪرپشن هيڊ ڪوارٽر جي ٽيم راڻا ثناءُ الله ۽ سندس گهرواري کي اڄ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. جڏهن ته اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پنجاب جي ترجمان موجب اينٽي ڪرپشن راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، گرفتاري وارنٽ ن ليگ اڳواڻ طرفان اينٽي ڪرپشن انڪوائري ۾ پيش نه ٿيڻ تي جاري ڪيا ويا آهن. وڌيڪ چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ڪيس نمبر 19/20 ۾ جاري ٿيا آهن. ٻئي طرف اسلام آباد پوليس وفاقي گهرو وزير جا گرفتاري وارنٽ کڻي ويندڙ اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ٽيم کي واپس موڪلي ڇڏيو. ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ٽيم پوليس جي مدد لاءِ ڪوهسار ٿاڻي پهتي ۽ وفاقي گهرو وزير جي گرفتاري وارنٽن کان آگاهه ڪيو، جنهن تي پوليس اختيارين موقف اختيار ڪيو ته راڻا ثناءُ الله ڪوهسار ٿاڻي جي حدن ۾ نٿو رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن جي ٽيم ۾ 4 آفيسر شامل هئا، جن کي وفاقي پوليس واپس موڪلي ڇڏيو. پوليس اختيارين اينٽي ڪرپشن کي ٻڌايو ته راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري وارنٽن تي پتو فيصل آباد جو آهي ۽ هو ڪوهسار ٿاڻي جي حدن ۾ ناهي رهندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close