پاڪستانسنڌ

خانپورمهر ڀرسان لنگهه بند هئڻ ڪري پاڻي نيڪال نه ٿيو، لڏپلاڻ جاري

خانپورمهر: خانپورمهر ويجهو سردار ڳڙهھ واري علائقي جي ٿر ۾ لنگهه بند هئڻ ڪري برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جنهن سبب سوين ڳوٺ اجڙي ويا آهن. ان حوالي سان برسات متاثر ڳوٺاڻن ٻڌايو ته برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ڪري هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، ماڻهو اڃا تائين لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن ۽ هزارين ٿرواسين جو شهرن سان رابطو بحال نه ٿي سگهيو آهي، گهوٽڪي ۽ سکر جي دنگ تي پاڻي جي وهڪرن کي روڪڻ لاءِ سمورا لنگھه بند ڪيا ويا آهن، لنگهه بند ٿي وڃڻ ڪري پاڻي جو نيڪال به بند ٿي ويو آهي، گهوٽڪي ۽ سکر ضلعي جي انتظاميا گڏجي لنگھه بحال نه ڪرايا ۽ نارا ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪيو ته وڌيڪ تباهي ايندي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گهوٽڪي ضلعي جي ٽن تعلقن جو پاڻي سردار ڳڙھه واري علائقي ۾ جمع ٿيو آهي، جنهن سموري ٿر کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، ان لا چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کي ڪوشش ڪري پاڻي نيڪال ڪرائڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button