ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گلگت بلستان جي صوبائي حڪومت عورتن کي بس ۾ مفت سفر جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي. گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته پنڪ بس سروس روڊن تي اچي وئي آهي، جنهن ۾ اسان جون مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون حفاظت ۽ آرام سان سفر ڪري پنهنجي منزل تي پهچي سگهن ٿيون. هن ٻڌايو ته وزيراعليٰ گلگت بلتستان صوبي جي عورتن لاءِ مفت بس سروس جو افتتاح ڪيو آهي، اهڙي ريت پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتون مفت بس سروس ذريعي گلگت ۽ اسڪردو شهر ۾ سفر ڪري سگهن ٿيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close