پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب هن دفعي 18 آڪٽوبر تي جلسو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سميت سڀني صوبائي وزيرن ۽ پارٽي ڪارڪنن کي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد جي هدايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو هدايتون ڏنيون آهن ته هن سال صرف ڪارساز شهيدن جي يادگار وٽ هڪڙي تقريب منعقد ڪئي وڃي. ياد رهي ته 18 آڪٽوبر 2007ع ۾ بينظيرڀٽو جي ڏيهه واپسي تي ڪراچي ۾ ڪارساز واري هنڌ بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جا سوين ڪارڪن شهيد ۽ زخمي ٿيا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close