مٺي (ن، سنڌ ايڪسپريس)مٺي ويجهو ڳوٺ ھا اسڪول ھيلاريو پير ميگھواڙ پاڙو ۾ معصوم شاگرد تي اسڪول ۾ استاد طرفان تشدد ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ متاثر شاگرد جي وارثن الزام هنيو آهي ته ڳوٺ هيلاريو پير ۾ نئون جي ايس ٽي طور ڀرتي ٿي آيل استاد ڪيلاش ميگهواڙ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ وڃي ٻئي درجي جي شاگرد هتيش ڪمار پٽ ونود منگلاڻي کي ڪلاس ۾ مارڪٽ ڪئي. ان دوران ڪلاس ۾ موجود استاد معصوم شاگرد تي تشدد دوران ڪو قدم نه کڻي سگهيو. ڪلاس ۾ ويٺل ٻين شاگردن ۾ دانهون پئجي ويون ۽ خوف پکڙجي ويو. وارثن موجب اسان بنا اجازت ڪلاس ۾ گهڙي تشدد ڪندڙ استاد خلاف لاڳاپيل اختيارين کي لکت ۾ شڪايت پڻ ڪئي آهي. متاثر نينگر جي وارثن تشدد ڪندڙ استاد خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته ڪيلاش پٽ سوجومل ميگهواڙ جي ايس ٽي آهي، جنهن جي ڊيوٽي ها اسڪول ۾ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close