پاڪستان

آڊيو ليڪس جي سياست نامناسب، عمران خان کي سياستدان بڻجڻ کان پهرين انسان ٿيڻو پوندو: بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان کي سياستدان بڻجڻ کان پهرين انسان ٿيڻو پوندو، ملڪ جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي ۽ عمران لانگ مارچ جا سڏ ڏئي رهيو آهي. جرمني جي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو چيو ته آڊيو ليڪس واري سياست نامناسب آهي، جڏهن مخالف سان ٿئي ته واهه واهه ۽ توهان سان ٿئي ته خراب ڳالهه، اها ٻٽي پاليسي نه هلندي، نيب چيئرمين جي قابو ڪرڻ ۽ مخالفن تي دٻا وڌائڻ لا آڊيو ليڪس ڪرايون ويون. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جي سياست ڏاڍي عجيب آهي، ملڪ ٻڏل آهي ۽ هو مارچ جو سڏ ڏئي رهيو آهي، خانصاحب کي پهرين انسان ۽ بعد ۾ سياستدان بڻجڻ گهرجي، سياست ته هلندي رهندي. هن جرمني طرفان ٻوڏ متاثرن لا اعلانيل امدادي رقم تي ٿورا مڃيندي چيو ته اها امداد اسان جي اميدن کان به وڌيڪ آهي، جنهن تي جرمني جا شڪرگذار آهيون، اها خيرات يا پنڻ جي ڳالهه ناهي، اسان انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا، اهي ملڪ جن سڀ کان وڌيڪ مسئلا کڙا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، انهن جي اها اخلاقي ذميواري آهي ته انصاف ڪن. بلاول وڌيڪ چيو ته گذريل چئن سالن ۾ جن ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيا هاڻ انهن ۾ بهتري اچي رهي آهي، ٻوڏ اچڻ بعد بحالي لاءِ پاڪستان کي عالمي برادري ۽ عالمي ادارن جي وڌيڪ ضرورت پوندي، گدلاڻ پکيڙيندڙ ملڪن جي اخلاقي ذميواري آهي ته عالمي مسئلي جو مقابلو ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪن.چئن پنجن مهينن ۾ جن ملڪن سان ولهه وچڙ ۾ آياسين انهن بهترين موٽ ڏني آهي، گذريل چئن سالن ۾ آمريڪا، عرب ۽ پاڙيسري دوست ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيا هئا، اسان عزت سان ڳالهه ٻولهه ڪري لاڳاپن ۾ بهتري آندي آهي پر اڃا وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي، هاڻ اسان صحيح دڳ تي هلي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button