سنڌ

آصف زرداري صحتياب ٿي ويو، اسپتال مان بلاول هائوس منتقل

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسپتال مان موڪل کان پوءِ بلاول هائوس پهچي ويو. اڳوڻو صدر ڪجهه ڏينهن اڳ طبيعت ناساز ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي ڊاڪٽر عاصم جي نگراني ۾ جوڙيل ڪميٽي سندس علاج ڪيو، ان کان سواءِ گڏيل عرب امارات مان به ٽن ميمبرن تي ٻڌل ڊاڪٽرن جي ڪميٽي ڪراچي پهتي هئي، جنهن اڳوڻي صدر جي صحت ۽ علاج تي اطمينان ظاهر ڪندي سندس علاج لاءِ ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪرڻ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو هو. پيپلز پارٽي جي ترجمان مطابق آصف علي زرداري کي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ جي شڪايت تي اسپتال آندو ويو هو، جتي هو 13 ڏينهن علاج هيٺ رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button