پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو احتجاجي مظاهرو

ڪڪڙ: ڪڪڙ ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺ محراب قمبراڻي جي رهواسين واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. خبر موجب ڪڪڙ ۾ ڳوٺ محراب قمبراڻي جي رهواسي ٻوڏ متاثرن نظر حسين قمبراڻي، محمد نواز قمبراڻي، علي حسن، سهراب قمبراڻي، سيٺ شبير، حاجي واحد بخش قمبراڻي، استاد گلشير قمبراڻي ۽ ٻين واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته برساتن ۽ بلوچستان کان ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي سبب اسان جو سمورو ڳوٺ ٻڏي ويو آهي، گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، اسان صرف پنهنجا ٻار ٻچا وٺي نڪتا آهيون، ٻوڏ جي پاڻي سبب اسين بي يارو مددگار ڇنڊڻ جي بند تي ويٺاسين پر افسوس اسان جي ڪنهن به سار نه لڌي.

هنن چيو ته سماجي تنظيمن سميت ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندن پڻ اسان کي وساري ڇڏيو، جن وٽ وياسين اهو چيو ويو ته اوهان يونين ڪائونسل ڪڪڙ ۾ آهيو، جيڪا يوسي ٻڏل ناهي. هنن چيو ته واهر نه ٿيڻ ڪري اسين سخت مشڪلاتن کي مُنهن پيا ڏيون ٻيو ته ٺهيو بيمارين پڻ اسان کي ماري ڇڏيو آھي، اسين هينئر مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھيون، هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي واهر ڪري ٽئنٽ، راشن ۽ صحت جون ٽيمون موڪلي اسان جون زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button