پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ بااثر ماڻهن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

مسڻ وڏي:يوسي مسڻ جي ڳوٺ حاجي آدم ڪلر جي ملاح برادري جي مردن، عورتن ۽ ٻارن بااثر ڌر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نصير ملاح، خدابخش عرف پپو ملاح ۽ پوپٽ ملاح ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ حاجي آدم ڪلر جون بااثر ڌريون اسان کي لڏائڻ جي ڪوشش ڪن پيون، اسان کي سرڪاري ڀڏي تي ويٺي سئو سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. نصير ملاح چيو ته منهنجو ڏاڏو وسايو ملاح سئو سال اڳ اچي سرڪاري ڀڏي جي ڪناري تي ويٺو هو، آدم ڪلر جنهن جي نالي سان ھي ڳوٺ سڏجي ٿو، اهو ڪافي وقت کانپوءِ اچي ھتي گهر ٺاهي ويٺو، انھي جي ڪري ڳوٺ جا اصل وارث اسان آھيون ۽ اسان جا گھر به سرڪاري ڀڏي جي ڪناري تي آباد آهن، ھي سازشي ماڻهو ھر روز ماپ جو بھانو ڪري اسان جي گهرن ۾ ڪلا وغيره ھڻي ويندا آهن. هنن گهر ڪئي ته بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button