گورنر هائوس ۾ منعقد حلف برداري جي ساده تقريب ۾ محمد ڪامران خان ٽيسوري سنڌ جي 34 هين گورنر طور حلف کڻي ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ محمد ڪامران خان ٽيسوري کان گورنر سنڌ جي عهدي جو حلف ورتو. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج خان دراني، صوبائي وزيرن امتياز شيخ، سعيد غني، گورنر سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، اڳوڻي ميئر وسيم اختر، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، صوبائي اسيمبلي ميمبر خواجه اظهار الحسن، وڏي وزير جي خاص مددگار وقار مهدي پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ موجود معززين محمد ڪامران خان ٽيسوري کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته اعتماد تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس ۽ ذميواريون نڀائڻ لاءِ سڀني کي گڏ وٺي هلندس. هن وڌيڪ چيو ته هو صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ هر لاڳاپيل فورم تي آواز اٿاريندو. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي گذريل ڏينهن آئين جي آرٽيڪل 101 جي ذيلي شق ون جي تحت محمد ڪامران خان ٽيسوري کي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. سنڌ جي گورنر جو عهدو عمران اسماعيل جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿيو هو ۽ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج خان دراني وقتي گورنر جا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close