ميرواہه گورچاڻي: عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي ڪانفرنس ايڊووڪيٽ رامچند ميگھواڙ جي رهائشگاهه ميرواهه گورچاڻي ۾ مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، اسماعيل خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر دلدار لغاري جي نگراني ۾ ٿي، جنھن ۾ ضلعي ميرپورخاص جي صدر امير بخش جروار، نائب صدر مختيار خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري رامچند ميگھواڙ، جوائنٽ سيڪريٽري اياز کوسو، پريس سيڪريٽري خوشحال داس ميگھواڙ، ليگل ايڊوائيز اياز ڪلوئي، ثقافتي سيڪريٽري علي رضا لغاري، آفيس سيڪريٽري ميوارام ميگھواڙ، ميمبر رمضان چانڊيو، ساجن ميگهواڙ، غفار ناريجو، جميل خاصخيلي، رشيد خاصخيلي، تڳجي مل چونڊيا ويا. ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ سنڌياڻي تحريڪ سميت ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پ پ جي ڪرپٽ ۽ نااھل حڪومت سڄي سنڌ کي ھٿرادو ٻوڙائي ڪروڙين ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آھن، لکين گھر ڊھي ويا. وڏيرن فصل بچائڻ لا سنڌ جي عوام کي ٻوڙيو آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close