سنڌ هاءِ ڪورٽ سرجاني ٽائون اسڪيم 41 انڊسٽريل ايريا ۾ زمين تي قبضي بابت درخواست تي ايندڙ شنوائي تي ڪي ڊي اي سينيئر آفيسر کي طلب ڪري ورتو آهي. سومر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ آڏو سرجاني ٽائون اسڪيم 41 انڊسٽريل ايريا ۾ زمين تي قبضي جي خلاف درخواست جي شنوائي ٿي. جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته سهراب ڳوٺ، سرجاني ٽائون ۾ توهان نٿا وڃي سگهو، سهراب ڳوٺ سرجاني ٽائون توهان لاءِ نوگو ايرا بڻجي چڪا آهن. درخواستگذار موقف ڏنو ته ڪي ڊي اي جواب جمع نه پيو ڪرائي. جسٽس سيد حسن اظهر رضوي درخواست گذار جي وڪيل کي چيو ته ڇا اوهان ڪراچي ۾ نٿا رهو وڪيل صاحب، عدالت 30 ڏينهن ۾ عملدارآمد رپورٽ گهري ورتي. عدالت ڪي ڊي اي سينيئر آفيسر کي ايندڙ شنوائي تي طلب ڪري ورتو ۽ نومبر جي ٻئي هفتي لاءِ شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close