پاڪستانسنڌ

وفاق ۽ صوبن جي بيورو ڪريسي جي جهيڙن ۾ منصوبن ۾ دير ٿئي ٿي:بلاول

اسلام ڪوٽ: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٿر ڪول منصوبو شروع ٿيڻ سان ٿر جي عوام کي روزگار مليو آهي، ڊسمبر ۾ هڪ ٻئي منصوبي جو افتتاح ڪيو ويندو، صوبي ۾ تاريخ جي تمام وڏي ٻوڏ آئي. اسلام ڪوٽ ۾ ٿر انرجي بلاڪ ٽو ۽ ٿر ڪول مائنز ٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ٿر ڪول منصوبو شروع ٿيڻ سان ٿر جي عوام کي روزگار مليو، ڪنهن کي به گمان نه هو ته ٿرپارڪر جي ريگستان مان ڪوئلو برآمد ٿيندو. اسان کي ترقي جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪرڻو پوندو. صوبي ۾ تاريخ جي تمام وڏي ٻوڏ آئي. ڏينهن رات محنت ڪريون ته هڪ سال ۾ گرين انرجي ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو. سرڪاري ۽ نجي شعبي جي گڏجي ڪم ڪرڻ سان ٿيندڙ ترقي جا اثر عوام تي به پون ٿا. هن چيو ته ٿر جي عوام لاءِ حڪومت سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ٿر جي ڪري پاڪستان بدلجي چڪو آهي. صوبائي حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت به مڪمل مدد ڪئي آهي. ٿر سان بجلي جي پيداوار جا منصوبا چين پاڪستان دوستي جو ثبوت آهن. هن چيو ته وفاق ۽ صوبائي بيورو ڪريسي جي جهيڙن سبب منصوبن ۾ دير ٿي وڃي ٿي، منصوبا تڪڙا مڪمل ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ سنڌ جو هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو وڃي، چاهيون ٿا ته ٿر ۾ به “شهباز اسپيڊ” سان ڪم ٿئي. بلاول چيو ته ٿر جي ڪوئلي تي فيصل آباد جون انڊسٽريز هلي رهيون آهن، ٿر جو ڪوئلو سڄي پاڪستان کي تبديل ڪري سگهي ٿو، ٿرڪول منصوبن سان گرين انقلاب آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر سان گڏجي اسان سولر پينل کڙا ڪري سگهون ٿا، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي وزيراعظم ۽ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button