سنڌ

اٽلي ۽ جاپان جي سياحن طرفان موهن جي دڙي جو دورو

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي تي اٽلي ۽ جپان جو گڏيل طور 22 ڄڻن جو پرڏيهي وفد موهن جي دڙي جو گڏجي دورو ڪيو. اٽلي ۽ جپان کان آيل مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سياحن جو پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ، ڊي ڪي اريا، ميوزيم ۽ ٻين تهذيبي آثارن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وفد ڪليڊو ٽيريلي ۽ رحمت الله بيگ جي اڳوڻي ۾ گذريل ڏينهن سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو. ان ڏس ۾ موهن جي دڙي جي مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي پرڏيهي سياحن جي وفد جي دوري دوران پرڏيهي کي قديمي ماڳ بابت تفصيلي ۽ مڪمل ڄاڻ ڏني، ان موقعي تي وفد ڳالهائيندي چيو ته موهن جو دڙي بابت مختلف ملڪي ڪتابن ۾ تصوير جي صورت سنڌ جي قديم ماڳ ننڍو ڏٺوسين پر هتي اچي ڪري خبر اها پئي ته هي سنڌ جو قديم ماڳ موهن جو دڙو ميلن ۾ ڦهليل آهي، ان سلسلي ۾ پرڏيهي سياحن جي وفد جي دوري دوران موهن جو دڙو انتظاميا طرفان قديم ماڳ تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button