لاڙڪاڻي ويجهو آريجا ڦيڙهو شهر ۾ مزدوري دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 30 ورهين جو مزدور اياز پٽ وزير جانوري بيهوش ٿي پيو، جنهن کي ٻين مزدورن کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن سندس جسم جو 30 سيڪڙو سڙڻ جي تصديق ڪندي کيس طبي امداد ڏني. ان موقعي تي بيهوش پورهيت جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان اياز جانوري آريجا ڦيڙهو ۾ خالد بروهي جي دڪان جي هلندڙ تعميراتي ڪم تي مزدوري ڪري رهيو هو، جتي کيس 11 هزار بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب هو سڙي بيهوش ٿي ويو آهي، جنهن کي ٻين مزدورن کڻائي اسپتال داخل ڪرايو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close