سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رٽائرڊ ملازم جو بااثر ماٽيلي ڀائرخلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي الھ آباد پاڙي جي رهواسي بلڊنگ آفيس جي رٽائرڊ ملازم پنهنجي پٽن ۽ علائقي واسين سان گڏجي بااثر ماٽيلي ڀاءُ جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي بلڊنگ آفيس جي رٽائرڊ ملازم شمس الدين کوکر پٽن رضوان کوکر، ذيشان، ڪامران، ارسلان کوکر گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجي مرحوم والده رحيمان خاتون جي نالي تي ڏوڪري تعلقي ۾ ساڍا 3 جريب زرعي زمين ۽ لاڙڪاڻي جي حمل پاڙي ۾ رهائشي گهر آهي، ڄاڻايل ملڪيت تي بااثر ماٽيلي ڀاءُ پوليس عملدار محمد علي کوکر گذريل 12 سالن کان وٺي وردي جي زور تي قبضو ڪيو آهي، هن زمين ۽ گهر جا کاتا روينيو عملدارن سان ملي پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ مونکي حصو نه پيو ڏي، ملڪيت مان حصو گهرڻ تي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته اهڙيون شڪايتون 12 سالن کان پوليس عملدارن سان ڪري رهيو آهيان، پر اڄ تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. اعلى اختياريون نوٽيس وٺي ماٽيلي ڀاءُ خلاف ڪارروائي ڪري مونکي پنهنجو حق ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button