سنڌ

اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن جا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 2013ع جي اميدوارن مرڪزي سڏ تي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ اين ٽي ايس پاس اميدوارن پنهون ڀيل، محمود خان ڪيريو، مختيار ڀيو، اسلم جهيجو، عمران کوکر، آفتاب حسين ۽ ٻين پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو. قمبر ۾ ڪامران ميمڻ، رفيق چچو، جنيد احمد تنيو، الهبخش، خورشيد احمد، اعجاز سيال ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن محمد جمن عارباڻي، ماجد علي تنيو، ذوالفقار علي ميراڻي، محمد حفيظ عباسي، سيد احمد شاھ ۽ ٻين پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ اميدوارن محمد صفر سھتو، رب نواز مري، عبدالسميع شيخ ۽ ٻين نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊو آدم ۾ اين ٽي ايس پاس اميدوارن قيصر عمراڻي غلام سرور بروھي وقاص احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ٽنڊوالهيار ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن نديم قادري، سھيل احمد خاصخيلي، عبدالرشيد عاقلاڻي، شفيع محمد ساھوال، اسد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شهدادپور ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن عاشق حسين لوري، رائو رمضان، علي حسن جمالي، فرحان شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. دادو ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 2013 جي اميدوارن مرڪزي سڏ تي فدا حسين لغاري، جاويد لغاري، منور سيال، ساجد ڪنڀر، علي شير ڪلهوڙو، تسليم پنهور، بينظير سولنگي ۽ ٻين دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. نوشهروفيروز ۾ اميدوارن ۾ عبدالله سهتو، ذوالفقار راڄپر، وڪيل چانڊيو، عمران قريشي، غلام رسول زرداري، عبدالرشيد گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ماتلي ۾ مشتاق ميمڻ، جنيد چڍڙ، غلام نبي سمون، محمد خان ٽالپر، غلام شبير ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو. ميرپور بٺوري ۾ توقير ميمڻ، سهيل کٽي، منصور زئور، سيف الله ڪنڀار، اختر ميمڻ ۽ ٻين آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو آهي ته اسان جا اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي ويٺل آهن جن ۾ مرڪزي صدر حبيب سنڌي سميت 15 کان وڌيڪ اميدوارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، جڏهن ته بک هڙتال ڪيمپ تي ويٺل اڳواڻن کي ڪجھه به ٿيو ته ان جا ذميوار سنڌ حڪومت، وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم هوندا. هنن تڪ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان جو آواز .سنڌ اسيمبلي ۾ اٿاري اسان کي فوري طور تي آفر آرڊر ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button