پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽر جي ناجائزين خلاف احتجاجي ريلي

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽر نعيم مهيسر جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال جي دروازي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ڊاڪٽر جي ناجائزين خلاف نعريبازي ڪئي وئي. شهر جي مختلف سياسي، سماجي ڌرين پ پ ش ڀٽو، ايس يو پي، سني ايڪشن ڪاميٽي، پي ٽي آءِ، مذدور اتحاد ۽ ٻين تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي. جڏهن ته پي پي ايڇ آءِ اسپتال جي دروازي اڳيان ڌرڻو پڻ هنيو ويو.

جنهن ۾ پ پ (شهيد ڀٽو) جي ذولفي کوکر، ايس يو پي جي غلام شبير منگي، سني ايڪشن ڪاميٽي جي صدرالدين جانوري، پي ٽي آءِ جي فيروزالدين ناريجو، شهري اتحاد جي صدر ممتاز مينگل، صحافين زخمي ملاح، گلاب ڳن، شعبان لاشاري ۽ ٻين چيو ته پي پي ايڇ آءِ انچارج ڊاڪٽر جو اسپتال ۾ مريض سان اڍنگو رويو آهي، علاج ڪرڻ بدران ڇڙٻون ڏئي موٽائي ڇڏي ٿو. 33 ڏينهن کان احتجاج ڪيون پيا پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، اڄ مجبورن اسپتال جي دروازي آڏو ڌرڻو هنيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button