پاڪستانسنڌ

شاهپور چاڪر ۾ چوري واپس نه ٿيڻ خلاف سڄاڻ ڌرين جو مظاهرو

شاهپور چاڪر: سماجي اڳواڻ سرور ڏاهري جي گهران ٿيل چوري واپس نه ٿيڻ ۽ ٿاڻي اندر ايس ايڇ او پاران کيس مبينا طور ڌمڪيون ڏيڻ خلاف شاهپورچاڪر ٿاڻي سامهون سياسي سماجي مختلف عورت تنظيمن جي اڳواڻن سرور ڏاهري ۽ سندس ڪٽنب سميت احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌي شاگرد تحريڪ مرڪزي اڳواڻ اياز صالح پليجو، عبدالستار رند، ڊاڪٽر راڻو خان ڪنڍاڻي، قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف راڄپر، سنڌ سرتيون آرگنائيزيشن جي مرڪزي اڳواڻ زاهده ڏاهري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سبحاني ڏاهري، پريمي ڀيل، هيومن رائيٽس جي فضل شاهين ڏاهري، مير اخلاق ٽالپر، نذير سنڌي، ماما نور محمد ڏاهري ۽ ٻين چيو ته سرور ڏاهري جي گهران چوري ٿئي ڳچ عرصو گذري ويو آھي، ڪيس به داخل آهي، پر پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو، جنهن کي هڪ سياسي شخصيت ڇڏائي سندس مان ۾ چانھه پارٽي ڏئي کيس ڪراچي روانو ڪري ڇڏيو. ڀوتارن پوليس کي پنهنجو ڪمدار بڻائي ڇڏيو آھي. سرور ڏاهري جهڙا متاثر جڏھن ٿاڻي تي اچن ٿا ته انهن کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون آھن. ان موقعي تي سرور ڏاهري چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن چوري واپس نه ٿي ۽ ايس ايڇ او تذليل ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي معافي نه ورتي ته آئون 4 ڏينهن مسلسل ٿاڻي اڳيان گهرواري ۽ معصوم نياڻين سميت احتجاج ڪندس ۽ 22 آڪٽوبر تي ٿاڻي اڳيان پاڻ کي باهه ڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button