پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ٻوڏ متاثر عورتن جو اي سي خلاف مظاهرو

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير غلام حيدر ٽالپر پاري رليف ڪئمپ جي ٻو متاثر عورتن نسيمان خاصخيلي، زرينا عباسي، عزيزن عباسي، نوري خاصخيلي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان اي سي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رليف ڪئمپ مان تڙي ڪڍيل متاثر عورتن چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان مسلسل احتجاج ڪريون پيا، پر اي سي نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي، ٻوڏ سبب 43 خاندان پرائمري اسڪول مير غلام حيدر ٽالپر جي رليف ڪئمپ ۾ اچي ترسيا، جن کي اي سي ۽ ٻين راشن ۽ خيمن جا آسرا ڏئي رليف ڪئمپ خالي ڪرائي، پر اسسٽنٽ ڪمشنر آصف خاصخيلي 15 ڏينهن گذرڻ باوجود راشن ۽ خيما ناهن ڏنا، جيڪو ظلم آهي. هنن ڪمشنر ڊي سي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته اي سي خلاف ڪارروائي ڪري ٽينٽ ۽ راشن ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button