پاڪستانسنڌ

جاتي وٽ سمنڊ ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش ملي ويو

جاتي: جاتي جي ساحلي پٽي وٽ سمنڊ ۾ 3 ڏينھن اڳ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش ڳولا بعد ھٿ ڪيو ويو. جاتي جي ڪلڪان ڇاڻي جي ٽي تان ساحلي پٽي وٽ سمنڊ ۾ مڇي ۽ جھينگي جو شڪار ڪرڻ لا ويل ناکئي عبدالرشيد ملاح جي ھوڙي ۾ سمنڊ گھمڻ لا ويل جاتي واسي 17 سالن جو نوجوان صدام حسين ولد عبدالله ھنڱورو زيرو پوائنٽ ويجھو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سم نالي کي پار ڪندي تيز وھڪري جو شڪار بڻجي ٻڏي ويو، هوڙو ٻئي ڏينھن زيرو تڙ تي پھچڻ بعد وارثن کي نوجوان صدام حسين ھنڱوري جي ٻڏي وڃڻ جو اطلاع ڏنو ويو. وارثن پھچي مھاڻن جي مدد سان سمنڊ ۾ 2 ڏينھن لڳاتار ڳولا بعد سم نالي مان نوجوان جو ڳريل حالت ۾ لاش هٿ آيو. ھوڏانھن لاش ڳري ويل ھجڻ ڪري ڳوٺ کڻي وڃڻ بغير سير ڳنڊي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوان جي والد عبدالله ھنڱوري ڪارروائي کان انڪار ڪندي لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button