سنڌ

پکين جي شڪار تي پابندي،استاد پڪا،وفاق کان حيسڪو ۽ سيپڪو وٺڻ جي اصولي منظوري

سنڌ ڪابينا پکين جي شڪار تي پابندي هڻي ڇڏي،وفاق کان حيسڪو ۽ سيپڪو وٺڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي، 2018 ع ۾ ڀرتي ڪيل استادن کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ ڪابينا پنهنجي چئن ڪلاڪن واري اجلاس ۾ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا، جن ۾ ڪڻڪ تي 23 ڏهائي 559 ارب رپيا رعايت، حيسڪو ۽ سيپڪو جي مالڪي، پکين جي شڪار تي پابندي، آءِ بي اي پاس استادن کي ريگيولر ڪرڻ، 2012ع ۾ مقرر ڪيل 297 استادن جي ڀرتي، ڪراچي جي ٽن صحت جي ادارن جي پي ايم سي، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي کي شروعاتي طور تي 25 سالن جي عرصي تائين هلائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان معاهدي جي مسودي جي منظوري ڏيڻ شامل آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي شرڪت ڪئي، جڏهن ته چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت اسلام آباد ۾ اجلاس ۾ مصروف هجڻ ڪري ان جي جاءِ تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو باقي الله انڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي مڪمل غور ويچار کانپوءِ ڪابينا کي 22 ڏهائي 79 ارب رپيا رعايت سان 5825 رپيا في 100 ڪلوگرام ڪڻڪ 2022-23 جي حساب سان جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي. وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته ڀرپور حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ۽ اٽي جا اگهه 58 کان 65 رپيا في ڪلو جي وچ ۾ رکيا وڃن ته جيئن سبسڊي حقيقي عوام تائين پهچائي سگهجي. ڪابينا پاسڪو کان 2 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ 16 ڏهائي 768 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته پاسڪو هڪ لک مقامي ڪڻڪ ۽ باقي هڪ لک امپورٽ ڪڻڪ ڏيندو. توانائي واري وزير امتياز شيخ اجلاس کي ٻڌايو ته نجڪاري ڪميشن فيصلو ڪيو هو ته وفاق جا سمورا ڊسڪوز نجي شعبي جي انتظاميا حوالي ڪيا وڃن پر آخرڪار انهن کي لاڳاپيل صوبائي حڪومتن حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. توانائي واري وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته حيسڪو ۽ سيپڪو ملڪ ۾ پهريون ڊسڪوز هوندو، جيڪو صوبائي حڪومت ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته آئين تحت صوبائي حڪومت کي توانائي ورهائڻ جو اختيار حاصل آهي، تنهنڪري هن توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو حيسڪو ۽ سيپڪو ٻنهي ڪمپنين جي ملازمن جي تعداد، سيلز جي واڌ، نقصانن جا ٽارگيٽ، مالي لاڳت ۽ اوڳاڙي جي شرح جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ صلاحڪار فرم مقرر ڪيو وڃي ته جيئن انهن ٽارگيٽن کي حاصل ڪري سگهجن. ڪابينا حيسڪو ۽ سيپڪو کي حاصل ڪرڻ ۽ انهن کي پروفيشنل پرائيويٽ پارٽنر جي مدد سان هلائڻ جو فيصلو ڪيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ارڙهين ترميم تحت سنڌ حڪومت جولاءِ 2011ع ۾ ٽن منتقل ٿيندڙ ادارن جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC)، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (NICH) ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز (NICVD) جو انتظامي ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ٽنهي ادارن جي منتقلي خلاف فيصلو ڏيندي مئي 2019ع ۾ انهن کي وفاق حوالي ڪيو هو پر انکانپوءِ وفاقي ڪابينا جولاءِ 2019ع ۾ منتقل ٿيندڙ ادارن کي لاڳاپيل حڪومتن حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڪابينا جي فيصلي جي جواب ۾ وفاقي حڪومت هڪ ڊرافٽ آپريٽنگ اينڊ مئنيجمينٽ ايگريمينٽ (MoU) شيئر ڪيو، جنهن ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومتن وچ ۾ اختياري ادارن کي هلائڻ جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏني وئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ان مسودي تي غور ڪيو ۽ آخرڪار 18 آگسٽ 2022 تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ان کي پيش ڪيو. معاهدي جو شروعاتي عرصو ان تي ٿيندڙ صحيحن کانپوءِ 25 سالن تائين هوندو. معاهدي تحت سنڌ حڪومت کي پنهنجي صحت کاتي ذريعي اسپتالن کي هلائڻ، ترقي وٺرائڻ، سنڀالڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويندو. آپريٽنگ خرچن سميت پگهارون، دوائون، يوٽيلٽيز ۽ ترقياتي خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. صوبائي حڪومت ڪم ڪرڻ لاءِ ضروري عملي کي ڀرتي ڪرڻ جي حقدار هوندي. ملازمن کي سنڌ صوبي جي قانون موجب ڪم ڪرڻو پوندو ۽ معاهدو ختم ٿيڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت کي جوابده هوندو. اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ سمورا وفاقي ملازم معاهدي جي مسودي تحت ڪم ڪندا رهندا. سنڌ ڪابينا معاهدي جي مسودي جي منظوري ڏيندي حتمي منظوري لاءِ وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلي ڇڏيو. تعليم واري وزير سردار شاهه ڪابينا کي ٻڌايو ته 2012ع ۾ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي ڀرتيون منظور ٿيندڙ انگ کان وڌيڪ هيون، جنهن تي مختلف سطحن تي مختلف انڪوائريون ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي مقررين جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن. دعويدارن سروس ٽربيونلز ۽ مختلف عدالتن ۾ رجوع ڪيو ۽ آخرڪار معاملو سپريم ڪورٽ تائين پهتو. صوبائي وزير چيو ته 1037 درخواستگذارن ۽ مداخلت ڪندڙن کي ذاتي طور تي ٻڌو ويو ۽ انهن جي ڪيسن جي تفصيلي جاچ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 193 ڪيس معيار موجب ثابت ٿيا، 85 اميدوار جعلي/بوگس ڊگرين تي مقرر ٿيا، 104 درخواستگذار جن جا تعليمي/پروفيشنل سرٽيفڪيٽ صحيح هئا پر اپائنٽمينٽن کانپوءِ ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ دير سان (4 ڏينهن کان 4 هفتا جي وچ ۾) جمع ڪرايا ۽ 655 اميدوار اهليت جي معيار تي پورا نه لٿا يا طبي سرٽيفڪيٽ(4 هفتن کان وڌيڪ) دير سان جمع ڪرايو. ڪابينا ان معاملي تي غور ويچار ڪيو ۽ 297 استادن کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جن ۾ 193 جن جا ڪيس معيار تي پورا لٿا ۽ 104 جن پنهنجا ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ دير سان جمع ڪرايا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ريڪروٽمينٽ پاليسي 2017 تحت 6000 (JESTs) ۽ 1190 (ECTs) آ بي اي سکر ذريعي ڀرتي ڪيا ويا. استادن کي 20-2018ع ۾ پنجن سالن لاءِ عارضي بنيادن تي ان شرط تي مقرر ڪيو ويو هو ته چار سال پورا ٿيڻ کانپوءِ چونڊيل استادن کي وڌيڪ ڊيوٽي ۾ واڌ لاءِ ٽيسٽ پاس ڪرڻي پوندي. ڪابينا ريڪروٽمينٽ پاليسي 2021 کي نظر ۾ رکندي کين مارچ 2022ع کان ريگيولر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جهنگلي جيوت کاتي مقامي پکين ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ آبي پکين جي شڪار تي پابندي جو ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتن دوران جهنگلي جيوت جو زيان انساني جانين جي نقصان جي برابر آهي. قدرتي آفتن دوران جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ خاص مددگار بنگال خان چيو ته جهنگلي جيوت جو پائيدار استعمال پائيدار ترقي جي ڪنجي آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي دور ۾ ان جي گهڻي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته هو هڪ سال لاءِ مقامي پکين ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ آبي پکين جي شڪار تي پابندي لڳائي رهيو آهي جيستائين جهنگلي جيوت قدرتي آفتن سبب پيدا ٿيندڙ صدمي کان ٻاهر اچن. ڪابينا تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي. صحت کاتي سنڌ جي عوام کي يورولوجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن جون خدمتون مهيا ڪرڻ لاءِ شهيد بينظير آباد ۾ بينظير انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽ (BIUT) نوابشاهه 2022ع جي قيام واري بل جو مسودو پيش ڪيو ته جيئن سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) ڪراچي جي ٽيڪنيڪل سهڪار سان سڄي سنڌ ۾ يورولوجي بيمارين جي وڌندڙ ڪيسن کي منهن ڏئي سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انسٽيٽيوٽ هڪ خودمختيار ادارو هوندو، جيڪو پنهنجي آزاد بورڊ آف گورنرز ذريعي ڪم ڪندو. اهو ادارو تحقيق ذريعي جديد جسماني سهولتن جو علاج ڪندو، جنهن ۾ يورولوجي، نيفرالوجي ۽ آرگن ٽرانسپلانٽ علاج، يورولوجي، نيفرولوجي، ۽ نرسنگ ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي سکيا ڏيندڙن شعبن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام شروع ڪرڻ شامل آهن. ڪابينا بل جي منظوري ڏيندي غور ويچار لاءِ اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. صوبائي ڪابينا صحت کاتي جي درخواست تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ٿيڻ سان مالي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 434 ڏهائي 188 ملين رپين جي اضافي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي درخواست تي ڪابينا ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج کي الحاقي ڪاليج ۽ عباسي شهيد اسپتال کي ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽي جي ٽيچنگ اسپتال قرار ڏيڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ڪي ايم سي ضلعي سينٽرل ڪراچي ۾ مڪمل پبلڪ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. ڪراچي ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي جو بل اڳ ئي قانون کاتي جي تصديق کانپوءِ اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويو آهي. يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي ڪابينا کي درخواست ڪئي ته حيدرآباد ضلعي جي 27 ڪاليجن کي جي سي يونيورسٽي حيدرآباد جي دائري اندر آندو وڃي. جي سي ڪاليج کي 21 جنوري 2018 تي يونيورسٽي طور اپگريڊ ڪيو ويو جيئن هن ڪامياب تعليمي خدمتن جا 100 سال مڪمل ڪيا هئا، هيءَ يونيورسٽي اصل ۾ 1917 ۾ عظيم تعليمدان ديارام گڊومل شاهاڻي قائم ڪئي هئي. ڪابينا وزير يو اينڊ بي اسماعيل راهو، تعليم واري وزير سردار شاهه ۽ قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. هن وقت 27 ڪاليج سنڌ يونيورسٽي جي دائري ۾ آهن. ڪابينا الغزالي يونيورسٽي (جامعه الغزالي) ڪراچي کي “ون نيشن فائونڊيشن” جي درخواست ۽ چارٽر جي انسپيڪشن اينڊ ايويوليشن ڪميٽي جي توثيق تي چارٽر ڏيڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا بل جو مسودو اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ڪابينا ثقافت کاتي جي سفارش تي خالد بن شاهين جي ڪانٽريڪٽ مقرري ۾ ٽن سالن جي واڌ ڪئي. وڏي وزير فلمن تي فيس وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. هن وڌيڪ چيو ته هو فلم انڊسٽري جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي تنهنڪري مٿس ڪابه فيس نه لڳائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button