سنڌ

ٻارڙن تي دهشتگرد حملو ڪريل درندگي آهي:بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوات ۾ اسڪول وين تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي ردعمل ۾ پي پي چيئرمين چيو ته معصوم ٻارڙن کي نشانو بنائڻ درندگي جو سب کان ڪريل رجحان آهي. بلاول ڀٽو زرداري سوات سميت ملڪ جي عوام کي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسان پنهنجن ٻارڙن سميت هر شهري جي تحفظ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۽ هن واقعي ۾ جوابدارن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حملي ۾ شهيد ٿيندڙ وين جي ڊرائيور جي وارثن سان تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ۽ حملي ۾ زخمي ٿيندڙ شاگردن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button