اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف آصف زرداري کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ ريفرنس جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد :تحريڪ انصاف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ريفرنس جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ُهن ملڪ جي صدر جي حيثيت ۾ توشا خاني مان 3 قيمتي گاڏيون غيرقانوني خريد ڪيون. ايڪسپريس نيوز موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري ۽ افتخار دراني پارليامينٽ هائوس پهتا، جتي هنن اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات ڪرڻ چاهي پر هو موجود نه هو، جنهن تي اڳواڻن سيڪريٽري قومي اسيمبلي سان ملاقات ڪري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف ريفرنس داخل ڪرايو. ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته اڳوڻي صدر ۽ اسيمبلي ميمبر آصف زرداري توشا خاني مان قانون جي خلاف 3 گاڏيون خريد ڪيون، ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي. ريفرنس جمع ڪرائڻ کانپوءِ زلفي بخاري ڪالهه افتخار دراني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ اسان ايم اين اي آصف زرداري خلاف اسپيڪر وٽ ريفرنس جمع ڪرايو آهي. يوسف رضا گيلاني غيرقانوني طور تي آصف زرداري کي گاڏيون وٺڻ جي اجازت ڏني آهي. زلفي بخاري چيو ته 2013ع جي قانون موجب ڪنهن به ملڪ جي سربراهه کي تحفي ۾ مليل گاڏيون خريد ڪرڻ جي اجازت نه هئي، تحفي ۾ مليل نوادرات ۽ گاڏين کي ڪابينا پول ۾ وڃڻو هو. غير قانوني طور تي سمري جمع ڪرائي وئي. هن چيو ته هڪ انسان لاءِ قانون ۾ نرمي آهي، آصف زرداري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ 3 مهانگيون گاڏيون خريد ڪيون. جڏهن ته عمران خان قانون موجب پيسا ڏنا ۽ توشا خاني مان شيون ورتيون. پاڪستان جي قانون موجب تحفي ۾ مليل شيون ڪو به خريد نٿو ڪري سگهي. زلفي بخاري وڌيڪ چيو ته آصف زرداري خلاف قانون جي ڀڃڪڙي تي ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. آصف زرداري کي اسيمبلي ميمبر طور نااهل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button