اسلام آبادپاڪستان

گهرو وزارت جي سفارش تي 41 ڪروڙ جا خاص فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي 41 ڪروڙ رپين جا خصوصي فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا لاهور رجسٽري لاءِ نابهه روڊ لاهور تي 23 ڪنال ايراضي سپريم ڪورٽ کي الاٽ ڪرڻ، ڪاروباري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڀوٽان، مالديپ، نيپال، روانڊا، بيلارس، سلواڪيه کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ، فئملي وزٽ ويزا ايڪسٽينشن جو مدو هڪ سال مان وڌائي 2 سال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا کي ٻڌايو ته ٿرڪول پراجيڪٽ ذريعي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ماضي ۾ منصوبي بابت غير ضروري دير ڪئي وئي، جيڪا ڪنهن قومي الميي کان گهٽ نه آهي پر هاڻي هي منصوبو اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ڪالهه ڪابينا جو اجلاس اڱاري تي وزيراعظم شبازشريف جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪابينا سوات ۾ اسڪول بس تي فائرنگ جي واقعي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ واقعي ۾ شهيدن ۽ زخمي ٻارڙن جي جلد صحتياب ٿيڻ لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم گذريل ڏينهن پنهنجي ڪيل ٿر جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ٿرڪول پراجيڪت سبب 24 بلين ڊالرز جي توانائي امپورٽ بل کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ان حوالي سان ڪم ڪندڙ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ چيو ته ايندڙ هفتي هن پراجيڪٽ جي حوالي سان هن اهم جائزي وارو اجلاس سڏايو ويندو. ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارش تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي لاهور رجسٽري لاءِ نابهه روڊ لاهور تي 23 ڪنال ايراضي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا پاڪستان آن لائن ويزا سسٽم ۾ اضافو ڪيو آهي، جنهن موجب پورٽ بارڊر يا ايئرپورٽ تي داخل ٿيڻ جا خواهشمند درخواست ڏيندڙ جي ايڊريس، رابطي جو تفصيل جنهن ۾ اسپانسر بابت تفصيل هجي داخل ڪرڻ ضروري هوندو. ڄاڻايل خانن ۾ ايندڙن لاءِ به هي رجسٽريشن ضروري هوندي. جڏهن ته سي پيڪ رٿائن سان ڳنڍيل ماڻهن تي اهو لاڳو نه ٿيندو. بزنس ويزا جي صورت ۾ رابطي بابت تفصيل ڏيڻ ضروري هوندو. وزيراعظم توانائي وزارت پاران پيش ڪيل انرجي افيشنسي اينڊ ڪنزرويشن بابت قدمن تي عملدرآمد جي روڊ ميپ جي حوالي سان بچاءُ واري وزير خواجا آصف جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ نويد قمر، مرتصيٰ محمود، خواجا سعد رفيق، احسن اقبال اعظم نذير تارڙ، مريم اورنگزيب، شيري رحمان، چوڌري سالڪ حسين شامل هوندا. هي ڪميٽي هن نئين نظام جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان ڊگهي مدي وچولي مدي ۽ گهٽ مدي جي حڪمت عملي جوڙيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button