اسلام آبادپاڪستان

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله گرفتاري وارنٽ چئلينج ڪري ڇڏيا

اسلام آباد:وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله گرفتاري وارنٽ عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيا. ن ليگ جي وڪيلن سينئر سول جج غلام اڪبر جي عدالت ۾ گرفتاري وارنٽ چئلينج ڪيا. وڪيلن طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي راڻا ثناءُ الله وفاقي گهرو وزير آهي ۽ سڀني جي سامهون هوندو آهي. اينٽي ڪرپشن کاتي غلط بياني ڪري عدالت مان گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا. عدالت ن ليگ جي قانوني ٽيم جي درخواست تي اعتراض واريندي واپس ڪري ڇڏي ۽ چيو ته راڻا ثناءُ الله جو وڪالت نامو وٺي لکت ۾ درخواست داخل ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button