اسلام آبادپاڪستان

عافيا صديقي جو معاملو شنوائي هيٺ آهي،بحث هيٺ نٿو آڻي سگهجي:حنا رباني کر

اسلام آباد :سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته عافيا صديقي جو معاملو عدالت ۾ آهي، معاملي تي بحث نٿو ڪري سگهجي. عافيا صديقي جي آزادي لاءِ ڪوششون جاري آهن. ميمبرن کي ان حوالي سان ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي. دنيا مختلف واپاري بلاڪس ۾ ورهايل آهي، ڪوشش آهي ته ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ پاڪستان آسيان جي ميمبرشپ حاصل ڪري. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪووڊ 19 کان پوءِ چين پاڪستاني شاگردن کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏني آهي. سفري ڀاڙا به جلد معمول تي اچي ويندا. اڱاري تي سوالن جي وقفي دوران حنا رباني کر چيو ته عافيا صديقي جي ڀيڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. عدالت جي هدايت اهي ته هي معاملو شنوائي هيٺ آهي تنهنڪري ان تي بحث نه ڪيو وڃي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي حنا رباني کر چيو ته ملائيشيا آسيان جي ميمبرشپ لاءِ هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو. ايف اي ٽي ايف ۾ به ملائشيا پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button