سنڌ

آمريڪي سياح جان ميٿيو دوست سميت موهن جو دڙو جو دورو ڪيو

آمريڪا جو مشھور سياح جان ميٿيو پنهنجي دوست سان گڏجي سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو. ان موقعي تي موهن جو دڙو تي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا، جڏھن ته آمريڪي سياح اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزيم، ڊي ڪي اريا سيمت ٻيا موهن جي دڙي جي تهذيبي آثار گهمي ڏٺا، پرڏيهي سياح کي موهن جي دڙي تي مقرر گائيڊ جاويد سنڌي موهن جي دڙي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هوڏانهن آمريڪا جو پرڏيهي سياح جان ميٿيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي خواهش ھئي ته موهن جو دڙو ضرور ڏسان. هن چيو ته مان دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهميا آھن پر موهن جو دڙو منهنجي خواهش ۾ شامل هو جيڪا خواهش منهنجي اڄ پوري ٿي آھي. هن چيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آھي جو موهن جو دڙو تي هاڻي سياحن لا بهتر انتظام ٿيل آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button