اسلام آبادپاڪستان

وفاق جي درخواست رد،چونڊون 16 آڪٽوبر تي ئي ٿينديون:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن وفاقي گهرو وزارت جي ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي اعلان ڪيو آهي ته قومي ۽ صوبائي تڪن تي ننڍي چونڊ 16 آڪٽوبر تي ئي ٿيندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي ۽ صوبائي تڪن جي ننڍي چونڊ 16 آڪٽوبر تي ئي ڪرائي ويندي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اين اي 45 ڪرم ضلعي جي چونڊ 16 آڪٽوبر تي نه ٿيندي. ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ مڪاني چونڊون 23 هين آڪٽوبر تي ئي ٿينديون. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 9 ۽ پنجاب اسميبلي جي ٽن سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 16 آڪٽوبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو پر وفاقي گهرو وزارت 16 آڪٽوبر واري ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن خط لکيو هو ۽ درخواست ڪئي ته ننڍي چونڊ 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button