اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي فنڊنگ معاملي ۾ عمران خان خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد : وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سميت 5 اڳواڻن، نجي بئنڪ مئنيجر ۽ پي ٽي آئي جي فنانشل ٽيم خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي جاچ دوران ايف آءِ اي ڪمرشل بيڪنگ سرڪل اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب عمران خان خلاف ڪيس پابندي پيل فنڊنگ جي حوالي سان داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي ذريعن ڪيس داخل ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جاچ جاري آهي، جوابدارن فارن ايڪسچينج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، جوابدارن هڪ خانگي بئنڪ اڪائونٽ مان فائدو ورتو، بئنڪ اڪائونٽ ۾ ابراج گروپ کان 21 لک ڊالر به آيا. ايف آءِ اي ۾ ابراج گروپ جي اڪائونٽ مان 21 لک ڊالرن جي رقم جي منتقلي جو ذڪر آهي ۽ ڪيس ۾ سردار اظهر طارق، طارق شفيع ۽ يونس عامر ڪياني به نامزد آهن. ايف آءِ اي جي متن موجب ابراج گروپ تحريڪ انصاف جي اڪائونٽ ۾ پئسا موڪليا، اهي پئسا هڪ بئنچ جي جناح اوينيو برانچ ۾ موڪليا ويا. ايف آءِ اي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف عارف نقوي جو حلفي بيان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو پر عارف نقوي جو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل حلفي بيان ڪوڙو ۽ جعلي آهي. متن موجب تحريڪ انصاف جو نجي بئنڪ ۾ اڪائونٽ هو، جيڪو نيا پاڪستان جي نالي سان ٺاهيو ويو. نجي بئنڪ جو مئنيجر به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، بئنڪ مئنيجر غير قانوني بئنڪ اڪائونٽ آپريٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني. ڪيس ايف آءِ اي بئنڪنگ سرڪل ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ايف آءِ اي جي ڪارپوريٽ بئنڪنگ سرڪل داخل ڪيو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن فارن ايڪسچينج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، جوابدار نجي بئنڪ اڪائونٽ جا بينفشري آهن. تحريڪ انصاف جو سيف الله نيازي پڻ ايف آءِ آر ۾ نامزد آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button