سنڌ

سجاول جوڻيجو ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

سجاول جوڻيجو ۾ مختلف ڳوٺن جي برسات متاثرن روينيو آفيس آڏو شھدادڪوٽ رتوديرو روڊ تي رڪاوٽون وجھي ٽائر باهيون ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي متاثرن غمدل گوپانگ، علي شير گوپانگ، مير داد گوپانگ، ھاشم گوپانگ، مجيب کجڙ، صدام جوڻيجو، حنيف سومرو، منور جلباڻي، سائين بخش لھر، محمد علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسان جا برسات ۽ سم شاخن جي گھارن سبب ڳوٺ ٻڏي ويا فصل ختم ٿي ويا، اسان جي ڳوٺن ۾ پاڻي اڃان تائين بيٺل آهي، اسان جا ٻچڙا کليل آسمان هيٺان بک تي ويٺل آهن پر اسان جي تڪ جا چونڊيل نمائندا، يوسي چيئرمين، اسسٽنٽ ڪمشنر اڃان تائين ڪا واھر نه ڪئي آهي. اسان روينيو آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر روينيو عملدار اسسٽنٽ ڪمشنر نويد کوکر ملي نه رھيو آھي. ڪلارڪ نثار ڀٽي پنھنجي من پسند ۽ سفارش تي ٽينٽ راشن ٻيو سامان ورھائي رهيو آهي. ھنن چيو ته اسان سنڌ حڪومت ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي فوري طور تي واھر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button